پاناما فيصلي حڪومت کي آزاد ناهي ڪيو، احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سنڌ ۽ دادو جي عوام جو ڪامياب جلسو ڪرائڻ تي ٿورائتا آهيون، هن چيو ته سنڌ جو عوام حڪمرانن جي حڪمراني جي طريقي ۽ ڪرپشن کان تمام گهڻو پريشان آهي پاناما ڪيس تي تاثر ڏنو ويو ته فيصلو حڪومت جي حق ۾ آيو، فيصلي جو اردو ترجمو ڪرائي رهيا آهيون ۽ عوام تائين پهچائينداسين، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن تائين فيصلي جي اصل ڪهاڻي پهچي، هن چيو ته اسان جي لڙائي ڪرپشن خلاف آهي، ان جي وڪڙ ۾ جيڪو ايندو آواز اٿارينداسين، هن چيو ته ڪرپشن جي اصولي موقف تي سمجهوتو نه ڪنداسين، پاناما فيصلي حڪومت کي آزاد ناهي ڪيو، احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *