اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪهڙي منهن سان جلسن ۾ خالي ڪرسين کي خطاب ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ڪهڙي منهن سان خالي ڪرسين کي خطاب/ ڪري ٿو، هن چيو ته افسوس جي اها ڳالهه آهي ته عمران خان کي نه ته شرم اچي ٿو ۽ نه ڪا هدايت، عمران خان هميشه روئندو رهندو ۽ وزيراعظم سرخرو ٿيندو رهندو ڇو ته اها ڳالهه نصيب جي آهي، هن چيو ته عوام ۽ سپريم ڪورٽ مان جواب ملڻ کانپوءِ به توهان جو منهن بند نه ٿيو، 5 ججن توهان کي ڪوڙو ۽ توهان جي مرضي کي رد ڪري ڇڏيو، عمران خان کي عوام جي امتحان سان منهن 2018 ۾ ڏيڻو پوندو، هو ٻين تي الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي ڇاٿي ۾ ڏسي، خان صاحب جيڪو زهر اوڳاڇي رهيو آهي عوام ۽ ايندڙ نسل ان کان بدلو وٺندو.