شهر لاوارث ناهي، ان جا وارث اچي ويا آهن، مسئلا حل ڪنداسين: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ): پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هي شهر لاوارث ناهي، ان جا وارث اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي جو عوام حوصلو هارائي اهو سمجهي ويٺو هيو ته انهن جا مسئلا حل نه ٿيندا، پريس ڪلب تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم مسئلن جي حل لاءِ ماڻهن کي احتجاج لاءِ ناهي گهرايو، لنڊن ۾ پاسپورٽ نه ملڻ تي گهرايو آهي، ايم ڪيو ايم کي اڄ پنهنجي نام نهاد سڃاڻپ لاءِ ريلي ڪڍڻي پئي، جڏهن ته انهن ڪڏهن به عوامي مسئلن تي احتجاج ناهي ڪيو، پي ايس پي عوام جي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ اڄ اسان جي جماعت طرف ڏسي سموريون جماعتون عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيون آهن، هن چيو ته 30 سالن ۾ شهر جي حقن لاءِ ڪنهن آواز ناهي اٿاريو پر اسان ماڻهن جي حقن لاءِ هتي موجود آهي، اسان ڪراچي جي هڪ هڪ گهر کي جاڳائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته مان حڪمرانن کي چوڻ آهيان ٿو ته اچو ڏسي وٺو اسان سڀ رستن تي آهيون، ڪراچي جا وارث اچي چڪا آهن، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون ۽ ويچارو عوام سمجهي ويٺو هيو ته انهن جا مسئلا ختم نه ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *