سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس کان محروم ڪندڙ نواز شريف ئي آهي: نثار کهڙو

April 23, 2017 at 9:41 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ کي بجلي، پاڻيءَ ۽ گئس کان محروم ڪندڙ ملسم ليگ ن ۽ نوازشريف ئي آهي، سنڌ اڄ گو نواز گو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گهٽي گهٽي گو نواز گو جو نعرو لڳندو ۽ جيستائين نواز شريف استعيفي نه ڏيندو تيستائين گو نواز گو جي تحريڪ جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن سنڌ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، پاڻي ۽ گئس جي کوٽ سميت نوازشريف جي خلاف اعلانيل حسن اسڪوائر ۽ ڪراچيءَ جي ويسٽ ضلعي  ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران هنيل ڌرڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پاڻي، گئس ۽ بجليءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ جو آهي پر ن ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام سان زيادتي ڪري رهي آهي جيڪا وفاق جي زيادتي برادشت نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ 20 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪري سنڌ جي عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف سنڌ پاران 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ جي باوجود سنڌ کي گئس فراهم نه پئي ڪئي وڃي .جڏهن ته پنجاب پاران 2 سيڪڙو به گئس پيدا نه ٿي ڪئي وڃي پر پنجاب کي گئس جي فراهمي جاري آهي جيڪو ٻٽو معيار آهي. ان لاءِ وفاقي حڪومت ننڍن صوبن سان ٻٽو معيار بند ڪري. هن چيو ته پاڻيءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق پڇڙيءَ وارن جو هوندو آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ کي کوٽ 50 سيڪڙو آهي ۽ وفاقي حڪومت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ڪري سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته گڊو کان مٿي پنجاب پاران لنڪ ڪينالن مان پمپ ڪري پاڻي زبردستي کنيو پيو وڃي ۽ وفاق کي سنڌ جو احتجاج ڇو نه ٿو نظر اچي. هن چيو ته اسين مطالبو ٿا ڪيون ته پاڻيءَ جي جي 1991ع جي معاهدي تي عمل ڪري ننڍن صوبن سان زيادتين جي ازالي لاءِ فوري طور گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ سنڌ پاران پنهنجو ڀرپور ڪيس پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جو عوام ن ليگ جي وفاقي حڪومت کي پاڻي. گئس ۽ بجليءَ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو.هن چيو ته ن ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌ سان زياديتون ڪري سنڌ جي عوام کان ووٽ نه ملڻ جو بدلو وٺي رهي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ڏوهارين جي خلاف جڙندي آهي ۽ پانامه ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي بابت عدالتي حڪم کان پوءِ ڏهاريءَ کي وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو ڪو به  حق ناهي ان لاءِ ميان صاحب توهان کي استعيفي ڏيڻي پوندي جيستائين نواز شريف استعيفي نه ڏيندو تيستائين گو نواز گو تحريڪ جاري رکنداسين. 

اي پيپر