سنڌ هاءِ ڪورٽ شرميلا فاروقي کي نااهل ڪرڻ خلاف ڪيس چيف جسٽس  ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شرميلا فاروقي کي نيب پاران نااهل ڪرڻ خلاف درخواست وارو ڪيس چيف جسٽس  ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ نيب پراسيڪيوٽر ۽ شرميلا فاروقي جو وڪيل پيش ٿيا. نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شرميلا فاروقي پلي بارگيننگ ڪئي آهي تنهن ڪري 21 سالن لاءِ نااهل آهي. شرميلا فاروقي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس فاروق شاهه ڪري چڪا آهن. جسٽس ظفر راجپوت ڪيس چيف جسٽس ڏانهن موڪليندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي  شرميلا فاروقي نيب پاران نااهلي واري ڪيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾چيلنج ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *