ڪراچي( هه آ) چيئرپرسن بورڊ آف انويسمينٽ ناهيد ميمڻ سان چين جي ٻن وڏين ڪمپنين جي وفدن ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي چيئرپرسن ايس بي آئي چيو ته چين جي تعاون سان سي پيڪ منصوبن ۾ پاڪستان ۾ روڊ ۽ انفرااسٽرڪچر نيٽ ورڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايستائين چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين انفرااسٽرڪچر نيٽ ورڪ سان گڏوگڏ بزنس ڊيولپمينٽ ۽ انڊسٽريل ڊيولپمينٽ جي منصوبن تي ڪم شروع ڪرڻ گهرجي ان سلسلي ۾ ڪراچي ويجهو ڌاٻيجي ۾ هڪ هزار ايڪڙ تي مشتمل مجوزه اسپيشل اڪنامڪ زون پاڪستان جو سڀ کان مفيد اسپيشل اڪنامڪ زون ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اها پورٽ ۽ ايئرپورٽ سان گهڻو ويجهو آهي. ان زون ۾ لينڊ ڊيولپمينٽ سميت سيڙپڪاري جي ٻين شعبن ۾ وسيع امڪان موجود آهن. ان موقعي تي هي بي جيان زن آرڪيٽڪچرل گروپ جي صدر لي جيان زن سنڌ جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ لينڊ ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهڻي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ڌاٻيجي جي اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري لاءِ تفصيلي ڳالهه ڪئي. ان کان اڳ چيني وفد زونگ ٽانگ بس ۽ سيز مارڪيٽنگ ڪمپني جي ست رڪني وفد سنڌ ۾ روڊ ٽرانسپورٽ خاص ڪري بس سروس شروع ڪرڻ جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڳالهيون ڪيون ۽ ان سلسلي ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.