جهنگ (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته هڪ فيصلو شريفن لاءِ آهي ۽ ٻيو ملڪ جي لاءِ آهي، جهنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ قانوعوام شريفن لاءِ آهي ۽ ٻيو قانون غريب عوام لاءِ آهي، هي ماڻهو ماڊل ٽائون ۾ ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏين، ڪو ڏوهاري ناهي ڪوٺيندو، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي آئين جي هڪ ئي آرٽيڪل تحت ختم ڪيو ويندو آهي، ڪيستائين ملڪ ۾ اهي ٻه قانون هلندا؟، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ خط نه لکڻ تي گيلاني کي گهر اماڻيو ويندو آهي، عوام ۽ نوجوانن کان پڇان ٿو، اوهان انهن ٻن قانونن کي مڃو ٿا، هن چيو ته نه ئي اسان کي ٻه پاڪستان گهرجن ۽ نه ئي ٻه قانون، اسان کي هڪ پاڪستان ۽ هڪ قانون گهرجي، اسان اهڙي پاڪستان جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ امير، غريب لاءِ هڪ ئي قانون هجي، اهڙو پاڪستان جنهن ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هجي، ميان صاحب اوهان مڪمل طور تي آزاد نه ٿيا آهيو، عوام جي عدالت به اوهان خلاف فيصلو ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري نعرو هنيو ته ”مڪ گيا تيرا شو، گو نواز گو، گو نواز گو“، هن چيو ته اوهان خلاف عوام جي عدالت به پاناما ۽ لوڊشيڊنگ تي فيصلو ڏئي ڇڏيو.