تقدير بدلجڻ لاءِ نظام بدلائڻ جي ضرورت آهي: سراج الحق

راولپنڊي (م ڊ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته هي ڪهڙو نظام آهي، ڪڏهن هڪ بادشاهه، ڪڏهن ٻيو بادشاهه، ملڪ جي سياست جاگيردارن، سرمائيدارن جي سياست آهي، هن نظام خلاف بغاوت ڪريو، هن چيو ته تقدير بدلجڻ لاءِ نظام بدلائڻ جي ضرورت آهي، 20 ڪروڙ عوام کي ڊگهي عرصي کان يرغمال بڻائي رکيو ويو آهي، سياست تجارت بڻجي وئي آهي، غريب جو ڪو مددگار ناهي، ظالم متحد آهن، مظلوم منتشر آهن، ڪرپشن خلاف مهم هلائي رهيا آهيون، جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو ته حڪومت نه ٽي او آر ٺاهيا، نه اسان جا ٽي او آر قبول ڪيا، مجبور ٿي اسان عدالت جو دروازو کڙڪايو، مستقبل جي چيف جسٽس صاحبن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جو چيو، افسوس انگريز جي غلامن جمهوريت کان بينڪن تائين هر شئي تي قبضو ڪيو، عوام رڳو ووٽ ڏيڻ لاءِ وڃي بچيو آهي، 70 سالن کان اسان پيڙهجي رهيا آهيون، سوچي رهيا آهيون ته متبادل نظام ڪهڙو آهي، سراج الحق چيو ته اسلام جو نظام ڇو نه ٿو آندو وڃي، جنهن لاءِ پاڪستان بڻايو ويو هو، اپوزيشن جا پاڻ ۾ رابطا آهن، اليڪشن کان اڳ چونڊ سڌارا آڻڻ ضروري آهن، چونڊون آزاداڻيون ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، سراج الحق چيو ته سياست تجارت بڻجي وئي آهي، جاگيردار، لٽيرا سياست ڪري سگهن ٿا، غريب نه ٿا ڪري سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *