اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس (ر) انور ظهير جمالي پاناما جي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پهرين ئي چيو هو ته جاچ جي ضرورت آهي. انور ظهير جمالي چيو ته اهو ئي ٿيو جيڪو مون ڪجهه مهينا پهرين چيو هو، هاڻ به ججن جاچ جو حڪم ڏنو آهي، ججن جي سربراهي ۾ ڪيمشن بنائڻ جو آپشن ڏنو هو. هن وڌيڪ چيو ته فيصلي تي وڌيڪ تبصرو نه ڪندس پر جاچ جزوي طور فوجداري نوعيت جي ٿيندي ۽ ججن به جاچ ۽ جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏنو.