صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اجلاس

ڪراچي(هه آ)  سنڌ جي ايڪسائي اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اجلاس کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ۽ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرز به شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي گاڏين جون فائلون اسڪين ڪرڻ لاءِ سمورن علاقائي هيڊ ڪواٽرز ۾ اسڪينرز لڳايا ويندا ۽ اها تجويز به ڏني وئي ته ڊپليڪيٽ نمبر پليٽس ريجنل هيڊ ڪواٽر جي سطح تي جاري ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سهولت فراهم ڪري سگھجي. سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن عبدالحليم شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته گاڏين جي ترسيل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪار کڻي ويندڙ ٽرانسپورٽ کي وهيڪل ڊيلر لائسنس يا تريڊ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگھجي ٿو جيئن انهن جي مشڪلين کي گھٽ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اها به تجويز ڏني وئي ته ٽريڪٽر ۽ آٽو رڪشه جي رجسٽريشن هڪ ئي پاليسي تحت ڪئي وڃي.   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *