نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ سفر جاري رهندو: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ وارو سفر جاري رهندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران پاناما فيصلي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه جي عام جي ووٽن جو حق ادا ڪري، عدالت جي حڪم تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو جڏهن ته 2018ع ۾ عوامي عدالت به لڳندي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن 2018ع ۾ چئني صوبن ۾ به حڪومت قائم ڪندي جڏهن ته جي آءِ ٽي سان مڪمل سهڪار ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *