پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم نااهل نه ٿيو، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وزير اعظم نا اهلي ناهي ٿيو، نيب چيئرمين غير رضامند آهي ۽ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ مڪمل طور ناڪام ويو آهي ان ڪري جي آءِ ٽي جوڙي. ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي  جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته سڀني جو ٿورائتو آهيان. عدالت جو احترام رکيو وڃي جڏهن ته سڀني پنهنجي راءِ ڏني آهي ۽ فيصلو جسٽس اعجاز الحق لکيو آهي.  جج چيو ته جيڪو فيصلو به اچي ان جي جذبن جو اظهار عدالت ۾ نه ڪيو وڃي عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته رقم ڪيئن قطر وئي، جاچ جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ پامانا ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته معاملي جي جاچ جي لاءِ جي ٽي آءِ جوڙڻ وڃي، وزير اعظم پاڻ سندس پٽ حسين نواز ۽ حسن نواز جي آءِ جي ٽي جي سامهون پيش ٿيندا ۽ جي آءِ ٽي هر ٻن هفتي کان پوءِ پنهنجي رپورٽ هن جي بينچ جي سامهون پيش ڪندي. ڊي جي ايف آءِ اي وائٽ ڪالر ڪرائيم روڪڻ ناڪام رهيو آهي ۽ جي آءِ ٽي ۾ ايف آءِ اي، ايس اي سي پي، نيب، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ادارن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس آصف سعيد جي کوسي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ 23 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جڏهن ته فيصلو 545 صفحن تي ٻڌل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *