ڪي 3 ۽ ڪي 4 منصوبن مان ڪراچي جي شهرين بجاءِ ڪو ٻيو فائدو پيو کڻي: وسيم اختر

ڪراچي(م ڊ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته تعليم کي عام ڪندا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اسڪولن جي تعمير ڪئي ويندي، ميئر وسيم اختر نيو ڪراچي ۾ طارق بن زياد اسڪول جي نئين بلاڪ جي افتتاح دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مصطفيٰ ڪالوني جي رهائشين جي خواهش تي هن اسڪول کي انگلش ميڊيم بڻايو ويو آهي، هن چيو ته اسڪول جي نئين بلاڪ تي هڪ ڪروڙ 54 لک رپيا خرف ڪيا ويا آهن، سندس چوڻ هو ته پارڪين ۽ راند جي ميدانن جي چائنا ڪٽنگ نه ڪرڻ ڏني ويندي، هن چيو ته ڪراچي جي شهرين جو پاڻي کپايو پيو وڃي، سندس چوڻ هو ته پاڻي جا غير قانوني ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن ۽ شهري پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن، هن چيو ته ڪي 3 ۽ ڪي 4 منصوبن مان ڪراچي جي شهرين بجاءِ ڪو ٻيو فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، ميئر ڪراچي وسيم اختر جو چوڻ هو ته اسان جو مقابلو چائنا ڪٽنگ ڪرڻ واري مضبوط مافيا سان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *