ڌرڻا هڻندا آهن، ڪوڙ ڳالهائيندا آهن پر اليڪشن هارائي ويندا آهن: نواز شريف

شيخوپوره (م ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 18 مهينا اڳ به هتي آيا هئاسين ۽ منصوبي جو بنياد رکيو هيو، اڄ الله جي ڪرم سان منصوبي جي افتتاح لاءِ آيا آهيون، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 18 مهينن ۾ ته هڪ گهر ناهي ٺهندو، هي منصوبو 18 مهينن ۾ بڻجي ويو آهي، ايتري عرصي ۾ گهر به ناهي بڻجي سگهندو، بکي پاور پلانٽ منصوبو 11، 12 سئو ميگا واٽ بجلي فراهم ڪندو، 18 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ايڏو وڏو منصوبو مڪمل ڪري ورتو، اسان وٽ سال ضايع ڪرڻ جا مثال موجود آهن، هن چيو ته اسان جي روايت ناهي ته هڪ سال جو منصوبو 10 سالن ۾ مڪمل ڪريون، منصوبي جي رڪارڊ مدت ۾ تڪميل سان پاڪستان جي تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، شهباز شريف ذاتي طور تي ان منصوبي کي نه ڏسي ها ته اهو 15 سالن ۾ مڪمل ٿئي ها، بکي پاور پلانٽ تي 77 ارب رپيا خرچ آيو آهي، نواز شريف چيو ته شهباز شريف جي مانيٽرنگ سبب هي منصوبو رڪارڊ مدت ۾ پورو ٿيو، پٺين 70 سالن ۾ ايئن ڪم ٿين ها ته اڄ پاڪستان گهڻو اڳتي هجي ها، بلوڪي منصوبو 54 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيندو، بچت به ٿيندي، جن لوڊشيڊنگ جي بنياد رکيو اهي اڄ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو ته هي ماڻهو ايمانداري سان ڪم ڪن ها ته اڄ نوبت ايستائين نه پهچي ها، اسان پاڻ پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، 3 منصوبن ۾ 154 ارب رپين جي بچت ٿيندي، هن چيو ته ايندڙ مهينن ۾ بجلي جي وڌيڪ منصوبن جو افتتاح ڪنداسين، ايل اين جي جي قيمت کي وڌايو ناهي ويو، جيتري گهٽ ڪري پئي سگهياسين ڪئي سين، بجلي جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هر سال بجلي جي طلب ۾ 4 کان 5 سيڪڙو اضافو ٿيندو هيو، هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته 7 سيڪڙو ساليانو طلب وڌي رهي اهي، ايندڙ سال تائين 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي، نواز شريف چيو ته ڪراچي، حيدرآباد موٽر وي هن سال مڪمل ٿي ويندو، وفاقي حڪومت ڪراچي جي امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي، پاڻي جا منصوبا به بڻائي رهي آهي، اهو ڪم صوبائي حڪومتن جو آهي، انهن کي پنهنجي ذميداري محسوس ڪرڻ گهرجي، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ميٽرو بس بڻي، مخالف انهن کي جنگلا بس چوندا هئا، بلوچستان ۾ سياسي استحڪام اچي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان جو ماضي جي حڪومتن ۾ ڪهڙو حال هيو؟، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي، ماضي جي حڪومتن ڇو ڪجهه نه ڪيو؟، وڌي چڙهي ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن، جن ملڪ جو اهو حال ڪيو، وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڌرڻا هڻندا آهن، ڪوڙ ڳالهائيندا آهن پر اليڪشن هارائي ويندا آهن، ڪلهه به هارائجي ويا، الزام تراشي جي سياست کي ختم ڪريو، الزام تراشي جي سياست کي ختم نه ڪندئو ته توهان ختم ٿي ويندئو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *