حڪومت کي دلچسپي ناهي، ايجنڊا ڪڏهن مڪمل ناهي ٿيندو: خواجه اظهار

April 18, 2017 at 8:36 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته جيڪا شڪايت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعت پيپلز پارٽي کي حڪومت سان آهي، اها ئي شڪايت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعت کي پ پ حڪومت کان آهي، متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن خطاب ۾ چيو ته هو 4 سالن کان بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، حڪومت کي دلچسپي ئي ناهي، ايجنڊا ڪڏهن به مڪمل ناهن ٿيندا، ان وڌيڪ چيو ته زهريلي پاڻي متعلق انهن جي التوا تحريڪ واپس ڪري ڇڏي، خواجه اظهار ان موقعي تي سکر جي عوام طرفان ڏنل پيئڻ جو پاڻي به ايوان کي ڏيکاريو ۽ چيو ته حڪومتي ميمبر هي پاڻي پي ڏيکارين.

اي پيپر