بلاول ڀٽو زرداريءَ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۽ مظاهرن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۽ مظاهرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پ پ سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ترجمان چوڌري منظور اڄ پريس ڪانفرنس ۾ احتجاجي شيڊيول جاري ڪندو. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري دعويٰ ۽ واعدا ڌوکو نڪتا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *