ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن مختلف ضلعن جي چونڊيل نمائندن سان صلاح مشورو وارو عمل شرو ڪيو آهي ته جيئن ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن ترقياتي رٿائن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪيو وڃي. حيدرآباد جو پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي مسئلن کي آئون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهران ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن جي چئن مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام مهتاب ڏهر، ڄام خان شورو، امداد پتافي، لاڳاپيل ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينٽرر، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقيات محمد وسيم، ڪمشنر حيدرآباد سهيل راجپوت ۽ مڪاني کاتن جا چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي.