لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسڪولن کي سولر سسٽم ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي: ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي( هه آ) صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته ڄاڻي واڻي لوڊشيڊنگ شاگردن ۽ پڙهائي جي عمل کي سخت متاثر ڪيو آهي ۽ گرمي جي هن سخت موسم ۾ لوڊشيڊنگ روزمره جي معمول کي سخت متاثر ڪيو آهي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ اين جي او ڪال پاڪ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ايم اين اي شاهده رحماني، ڪال پاڪ جي سي اي او انيلا ۽ ڪال پاڪ جي ڊائريڪٽر فريحه خان به موجود هيون. وزير تعليم چيو ته تعليمي ادارن ۾ جسماني سزائن ۽ غيراخلاقي زبان جي استعمال تي سخت پابندي آهي ۽ جن ماڻهن تعليمي ادارن جي زمينن تي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي انهن سان قانون جي مطابق سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن ٻڌايو ته لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسڪولن کي اليڪٽرڪ سٽي کان سولر سسٽم ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٻار سڪون سان تعليم حاصل ڪري سگهن. ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته صوبي ۾ تعليم جي واڌاري ۾ اين جي اوز جو ڪردار قابل تعريف آهي ۽ جيڪو ڪم نه ڪندو گهر ويندو. هن چيو ته تعليم جو شعبو سولو نه آهي ۽ اها عوام جي به ذميواري آهي ته هو اسڪولن کي پنهنجو سمجهندي تعليم جي واڌاري لاءِ اڳتي اچن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *