آرمي چيف جي هدايتن تي نورين لغاري بازياب ٿي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن رد الفساد ملڪ مان فساد ختم ڪرڻ جو عهد آهي، ملڪ ۾ غير قانوني هٿيارن جو صفايو ڪيو ويندو جڏهن ته دهشتگردن جي سهولتڪارن کي انٽيليجنس جي بنياد تي ختم ڪرڻو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل سڀ گڏجي ملڪ مان فساد ختم ڪنداسين، ضرب عضب جي ڪاميابين کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ آپريشن رد الفساد شروع ڪيو، دهشتگردن جي فساد کي گڏجي رد ڪرڻو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪيو ويو، 6 لک کان وڌيڪ مختلف هٿيار پڪڙيا ويا جڏهن ته بلوچستان ۾ 4 وڏا آپريشن ڪيا ويا، آپريشن رد الفساد دوران 4510 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو، 500 کان وڌيڪ فرارين هٿيار ڦٽا ڪيا، فاٽا ۾ 8 ميجر آپريشن ڪيا ويا ۽ 4859 غير رجسٽرڊ افغانين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ 157 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته لياقت يونيورسٽي جي شاگردياڻي نورين لغاري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم آرمي چيف ايم آءِ کي ڏنو. بريفنگ دوران نورين لغاري پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو آئون پنهنجي مرضي سان لاهور وئي هيس جڏهن ته مون کي آپگهاتي حملي جي لاءِ استعمال ڪرڻو هو.  هن وڌيڪ چيو ته ڊي جي خان ۾ 10 دهشتگرد ماريا، ڪراچي ۾ آپريشن جي رفتار سست ناهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽ ٿيا آهن. سوات ۾ دهشتگردن جو هدف تعليم هو، ڀارت هلندڙ سال 200 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون ۽ آدم شماري ۾ پاڪ فوج پاڻ ڊيٽا گڏ ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *