سڀ کان وڏي توهين اها آهي ته آقا جو نالو وٺي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد بيورو): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جي ڳالهين کي هلڪڙو نه ورتو وڃي، حڪومت خلاف تاءُ پکڙجي رهيو آهي، اسان جا ماڻهو کنڀيا ويا آهن، سڀ کان وڏي توهين اها آهي ته آقا جو نالو وٺي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪورم ٽٽڻ سان ايوان جو تقدس مجروح ٿيندو آهي، ايوانن جي تقدس جو خيال نه رکنداسين ته ايوان به خيال نه ڪندو، پارليامينٽ ۾ 200 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، جڏهن ته 120 ڀيرا ڪورم ٽٽو، ايوان جي صورتحال تي حڪومتي رويي مان لڳي ٿو ته اهي ايوان کي هلائڻ ئي نٿا چاهين، سندس چوڻ هو ته سنڌ کي معاهدي تحت پورو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، اسان ان صورتحال ۾ به احتجاج نه ڪري رهيا آهيون، بلي جي اگهه وڌائڻ باوجود 385 ارب جو سرڪلر ڊيٽ آهي، جڏهن ته اسان جي حڪومت ۾ 413 ارب رپيا سڪلر ڊيٽ هيو، هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي اڄ ايوان ۾ اچڻ گهرجي ها، انهن ان معاملي تي قوم کي هڪ زبان ٿيڻ جو چيو آهي، اسان چئون ٿا ته پارليامينٽ جي پاس ڪيل قانون تي عمل ڪيو وڃي پر موجوده حڪومت اسان جي ڳالهه جو جواب به نه ٿي ڏئي، اسان جي ترميم تي عملدرآمد نه ٿيو ته اها پارليامينٽ جي توهين آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *