حڪومتي مدو پورو ٿيندي ئي ترقياتي ڪم به مڪمل ٿي ويندا: نواز شريف

 اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت جو مدو پورو ٿيندي ئي ترقياتي ڪمن جو حدف به مڪمل ٿي ويندو، وزير اعظم جي صدارت ۾ خيبرپختون خواهه سان متعلق مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته وزير اعظم خيبرپختون خواهه ۾ مسلم ليگ ن کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي، امير مقام کي مسلم ليگ ن خيبرپختون خواهه جو صدر ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي کي ن ليگ ڪي پي ڪي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو، مشاورتي اجلاس ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪٽن تي پڻ غور ۽ پي ٽي آءِ پي ٽي آءِ جي ناڪامين کي عوام سامهون آڻڻ سميت پارٽي جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جلسا ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته انجنيئر امير مقام جي صلاحيتن جي مڪمل اعتماد آهي، اميد آهي ته نوان عهديدار مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي ڪم ڪندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *