ڪنهن اغوا نه ڪيو هو، پنهنجي مرضي سان لاهور آئي هيس: نورين لغاري

راولپنڊي(م ڊ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي نورين لغاري پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو آهي منهنجي والد جو نالو عبدالجبار لغاري آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر آهي جڏهن ته آئون پاڻ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي آهيان. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پراسرار نموني گم ٿيل شاگردياڻي نورين لغاري پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مان واضع ٿي ڪيان ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، مان پنهنجي مرضي سان پاڻ لاهور آئي هيس، علي شروع کان ئي دهشتگرداڻين ڪارروائين جي منصوبابندي ڪندو رهندو هيو، دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ دهشتگردي جا حملاڪرڻ ۽ انٽيليجنس جي اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ شامل هو. هن چيو ته فوجي نالي نوجوان علي سان گڏ هو، ڪارروائين جي لاءِ تنظيم پهرين اپريل تي سامان ڏنو هو جنهن سامان ۾ 2 جيڪٽ، 4 هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيو سامان حاصل هو. آپگهاتي جيڪٽ کي ايسٽر تي ڪنهن چرچ تي حملي جي لاءِ استعمال ڪرڻو هو، آپگهاتي حملي کان اڳ ئي 14 اپريل تي سيڪيورٽي فورس ڇاپو هنيو جڏهن ته مون کي حملي ۾ استعمال ڪرڻو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *