رينجر جي اختيارن وارو معاملو رولڙي مان نه نڪتو، وڏي وزير صحيح نه ڪئي، رينجرز بيرڪن ۾ ويهي رهي

ڪراچي (م ڊ) سنڌ رينجرز جي خاص اختيارن ۾ واڌ وارو معاملو هڪ ڀيرو وري رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، وفاق پاران اماڻيل سمري وڏي وزير جي ميز کان اڳتي نه ســُري سگهي، نه ئي وري ڪو نوٽفڪيشن جاري ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اختيارن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب ڪراچي جي اهم هنڌن ۽ روڊن تان رينجرز واپس هلي وئي آهي، ڪراچي ۾ رينجزر جي اختيارن جو مدو ختم ٿئي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر اڃا تائين وڏي وزير اماڻيل سمري تي صحيح ناهي ڪئي، جنهن جي ڪري رينجرز شهر ۾ آپريشن ۽ اسنيپ چيڪنگ به روڪي ڇڏي آهي، رينجرز جي خاص اختيارن جو مدو 14 اپريل رات 12 وڳي ختم ٿي ويو هو، صوبائي گهرو کاتي 5 اپريل تي اختيارن ۾ واڌ لاءِ وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي هئي، جنهن تي اڃا تائين صحيح ناهي ٿي سگهي، اختيارن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب ڪراچي جي اهم هنڌن ۽ روڊن تان رينجرز واپس هلي وئي آهي، جڏهن ته اسنيپ چيڪنگ جو عمل پڻ بند ڪيو ويو آهي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *