ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري مشعال خان جي قتل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته افسوس آهي جو هڪ مسلمان نوجوان مشعال کي مذهب جي نالي تي قتل ڪيو ويو. مذهب جي ني تي ٺاهيل قانون جي غلط استعمال کي رد ڪريون ٿا. پ پ قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي. هوڏانهن پ پ ترجمان فرحت الله بابر چيو آهي ته مشعال جي قتل واقعي جي مذمت لاءِ لفظ ناهن، اهو واقعو ان ڪري به مذمت جوڳو آهي جو انتظاميا مڇريل هجوم کي روڪڻ ۾ بيوس ٿي وئي هئي. هن چيو ته توهين رسالت هڪ وڏو ڏوهه آهي ۽ ان جي سخت سزا قانون مطابق ڏيڻ گهرجي پر ڪنهن کي تحقيقاتي آفيسر، وڪيل ۽ جج بڻجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته عبدالولي خان عدم تشدد تي يقين رکندڙ هو ۽ سندس ياد ۾ اها يونيورسٽي ٺاهي وئي هئي ۽ اها يونيورسٽي ان قسم جي تشدد لاءِ ناهي.023041