ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ نئين ٺهندڙ طارق روڊ ۽ شاهراهه فيصل جي وڌيل حصي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪابينا جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انهي طرح سان ڪم جاري رهندو ۽ سنڌ سرڪار جو نالو روشن ٿيندو، بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شيڊول موجب ڪم ڪري منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو آهي، جنهن تي هو سنڌ حڪومت جو ٿورائتو آهي، هن چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي وارن جي ڏکائين ۾ گهٽتائي ايندي، ان کان اڳ افتتاح جي موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ پڻ ڏني.36