اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته گئس اسان جي آهي، جيڪا 60 سيڪڙو پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي، هِي جذبا حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جي وارننگ کانپوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته وفاق سنڌ کي پاڻي نه ڏئي رهيو آهي، سنڌ جا آبادگار مري رهيا آهن، وزيراعظم نواز شريف ڇا ڪري رهيو آهي؟ ٻڌائي ته چاهي ڇا ٿو؟، هن چيو ته پارليامينٽ اندر به احتجاج ٿي رهيو آهي، صوبائي اسيمبلي ۾ به گوڙ آهي، اڄ اسين هتي آهيون، سڀاڻي روڊن تي هونداسين، پ پ اڳواڻ چييو ته اسين پهرين ڏينهن کان ئي ٻاهرين دهشتگردي جو شڪار آهيون، اسان نواز شريف کي نه پر نظام کي بچايو،جنهن تي ڪوبه افسوس نه آهي، گئس اسان جي آهي پر 60 سيڪڙو استعمال پنجاب ڪري رهيو آهي.