وزير اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي پرچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو): ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي پرچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، رضا رباني پنهنجي ۽ سينيٽ ميمبرز جي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين کي پرچائڻ کانسوا روانو ٿي ويو، وفاقي حڪومت سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي پرچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سندس گهر پهچي ڳالهيون ڪيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار ڪوششن باوجود سينيٽ چيئرمين کي پرچائڻ کانسواءِ مايوس ٿي واپس موٽي ويو، ان موقعي تي رضا رباني جو چوڻ هو ته سندس اڪيلي جو مسئلو نه آهي، سينيٽ جي سمورن ميمبرن جو مسئلو آهي، وفاقي وزير ايوان ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آهن، واضح رهي ته ان کان اڳ اڄوڪي ٿيل سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جا جواب نه ملڻ تي ۽ وزيرن جي مسلسل غير حاضري خلاف سينيٽ چيئرمين رضا رباني اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، سينيٽ چيئرمين اجلاس دوران استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ايوان جو وقار ۽ اٿارٽي برقرار نٿو رکي سگهان ته عهدي تي ويهڻ جو حق ناهي، سينيٽر فرحت الله بابر سوالن جي وقفي دوران سوال ڪيو ته گريڊ 21 ۽ 22 جي آفيسرن کي رٽائرمينٽ تي ڪهڙي پينشن ۽ مراعتون ڏنيون وينديون آهن؟ پر حڪومتي وزيرن طرفان جواب نه آيو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته حڪومت احتساب لاءِ تيار ناهي، هي سول ملٽري بيوروڪريسي جي ڳٺ جوڙ آهي، سياستدانن جا ته ڪپڙا لاٿا ويندا آهن پرس ۾ موجود هر پئسي جو جواب گهريو ويندو آهي، رضا رباني سوال ڪيو ته ڇا سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي مقدس ڳئون آهن، جو انهن جا تفصيل ايوان ۾ نه اچن؟ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، وفاق جي صورتحال ٺيڪ ناهي، لڳي رهيو آهي ته حڪومت سينيٽ جي آئيني ڪردار کي تسليم نه ڪري رهي آهي، سندس چوڻ هو ته ايوان جو وقار ۽ ان جي آئيني حيثيت برقرار رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر لڳي ٿو حڪومت کي مون کان ڪا رنجش آهي ۽ اهي اها رنجش سينيٽ کي بي اختيار بڻائي ڪڍي رهيا آهن، ميمبر چاهين ته هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن ايوان جو وقار ۽ اٿارٽي برقرار نٿو رکي سگهان ته عهدي تي ويهڻ جو حق نٿو رکان، سينيٽ چيئرمين احتجاجي طور سينيٽ جي ڪارروائي 35 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سينيٽر عتيق شيخ جي تحريڪ التويٰ جي منظوري بابت جواب ڏيڻ واءِ وزير هڪ ڀيرو ٻيهر موجود نه هيا، ان تي اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا، حڪومتي ميمبر نثار محمد به انهن سان گڏ واڪ آئوٽ ڪري ويو، ان بعد ميان رضا رباني اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *