وزيراعظم نواز شريف جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (رپورٽ محمد رمضان ابڙو): وزيراعظم نواز شريف جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، هتي عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر ناهي، نواز شريف جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته اعلانيل رقم ڊسٽرڪٽ ناظم جي نگراني ۾ خرچ ٿيندي، وزيراعظم چيو ته جيڪب آباد خالي هٿين ناهيان آيو، خطاب دوران وزيراعظم نواز شريف جيڪب آباد کي 100 ٽرانسفارمر فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، ان سان گڏوگڏ وزيراعظم جيڪب آباد ۾ عورتن جو جديد ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر بڻائڻ جو به اعلان ڪيو، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جڏهن به آياسين ملڪ ۾ امن امان ٺيڪ ڪيو، عوام جون حالتون تبديل ڪرڻ جو يقين ڏياريان ٿو، هن چيو ته جيڪب آباد ۾ هيپاٽائٽس بي جا سڀ کان وڌيڪ مريض آهن، جيڪب آباد اڄ به سئو سال پهرين جهڙو ئي آهي، وزيراعظم چيو ته وقت بدلجي رهيو آهي، هاڻي نعرن سان ووٽ نه ملندو، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ئي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيڻ گهرجي، اسان جڏهن به اقتدار سنڀاليو، سڀ کان پهرين امن ڪيو، هن چيو ته مقامي رڪاوٽن سبب ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ ۾ وقت لڳو، چاهيان ٿو جيڪب آباد جون حالتون تبديل ڪيون، خوشحالي آڻيون، سنڌ ۾ موٽر وي بڻائي رهيا آهيون، نواز شريف چيو ته جيڪب آباد جي ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪنداسين، جيترن ڳوٺن کي چوندا بجلي فراهم ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *