اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو پنهنجي ڪاررواين سان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي رهيو هو، کيس شاهدين ۽ ڏوهه جي اعتراف کانپوءِ قانون موجب سزا ٻڌائي وئي، اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران سرتاج عزيز چيو ته ڪلڀوشن ڀارتي بحريه جو حاضر سروس آفيسر ۽ ”را“ جو ايجنٽ آهي، جيڪو ڪاررواين سان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ۽ نوجوانن کي ملڪ دشمن سرگرمين تي ڀڙڪايو ، هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جاسوس جي حيثيت سان پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچايو، هــُو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سندس دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڪيترائي پاڪستاني مارجي ويا، ڪلڀوشن تائين قونصلر رسائي نه ڏيڻ بابت سوال تي سرتاج عزيز چيو ته ڪلڀوشن وٽ 2 پاسپورٽ هئا، هڪ هندو نالي سان ۽ ٻيو مسلمان جي نالي سان هو، 23 جنوري تي ڀارت کان ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪئي پر ڪوبه جواب نه آيو، ڀارت به ڪيترن ئي پاڪستاني قيدين تائين قونصلر رسائي نه ڏني، سرتاج عزيز چيو ته ڪلڀوشن کي گذريل سال مارچ ۾ بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو، عدالتي ڪارروائي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو ۽ ان دوران ڪلڀوشن کي قانوني مدد به فراهم ڪئي وئي، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قانونن موجب شاهدين ۽ ڏوهه جي اعتراف بعد سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ 60 ڏينهن اندر پنهنجي سزا خلاف اپيلٽ ڪورٽ ۾ اپيل جو به حق حاصل آهي.