پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي چيلينجز کي منهن ۽ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: وزير اعظم

April 11, 2017 at 6:57 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي چيلينجز کي منهن ۽ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. رسالپور ۾ پاڪستان ايئر فورس اڪيڊمي اصغر خان ۾ 137 هين جـِي ڊي پي، 83 هين انجنيئرنگ ڪورس جي گريجوئيشن پريڊ منعقد ڪئي وئي. پريڊ ۾ 93 ايئر ڊفينس، 18 اَي اينڊ ايس ڊي، 6 نيوي گيشن ۽ 2 لاجسٽڪس ڪورسز گريجوئيٽ شريڪ ٿيا،جڏهن ته تقريب ۾ 113 ايوي ايشن ڪيڊٽس گريجوئيٽ حصو ورتو تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم ميان نواز شريف هو،جنهن جي اڪيڊمي آمد تي ايئر چيف مارشل سهيل امان سندس آجيان ڪئي بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، ڪي پي جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا،سفارتڪار، اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن توڙي پرڏيهي عهديدار به تقريب ۾ موجود هئا تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پي اَي ايف اڪيڊمي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، خاص طور پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، گڏيل خوشحالي سندن ٽارگيٽ هئڻ گهرجي نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان ايئر فورس جو اهم ڪردار آهي، تربيت ڪيڊٽس جي زندگي ۾ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ مٿن ملڪي دفاعي جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، ڪاميابي لاءِ ڪو مختصر رستو ناهي هوندو.

اي پيپر