لاهور(م ڊ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئين جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم ۽ خاص طور تي سينيٽ کي ان متفقه آئين جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن، جنهن پاڪستان جي سڄي آبادي کي هڪ متحد وفاق سان سلهاڙي رکيو آهي. سڄي ملڪ ۾ اڄ ملهائجندڙ آئين جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ملڪ جي متفقه آئين جي بانيڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته آمريتن پاران آئين جو پائمال ڪيو ويو. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ۱۹۷۳ع واري آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪندڙ آصف علي زرداري مسلسل حملن هيٺ آهي، جنهن جو ڏوهه اهو آهي ته هن آئين کي سگهارو بڻايو ۽ صوبن کي خودمختياري ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ انهن کي وليئن قرار ڏنو، جن آئين کي ڪاغذن جو ٽڪرو ڀانئيو ۽ جن انتهاپسندي ۽ لسانيت کي پيدا ڪيو، جمهوري قوتن کي سور ڏنا ۽ هن ملڪ کي فساد ۽ انتشار ۾ ڦاسائڻ وارن سندن مذموم ارادن کي پورو ڪرڻ لاءِ سياسي پتليون ٺاهيون. هن چيو ته پي پي پي ملڪ ۾ آئين تي عمل ۽ جمهوري نظام لاءِ سدائين آواز اٿاريو آهي. پ پ پ چيئرمين چيو ته جمهوريت قومي ايڪي جو لائسنس آهي، جڏهن ته آئين پسندي ۽ جمهوريت خلاف ٿيندڙ هر ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. پ پ پ چيئرمين اهو عزم ورجايو ته آئين جي مصنف هجڻ جي حيثيت ۾ سندس پارٽي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاررواين باوجود آئين ۽ وفاق جي حفاظت لاءِ ڪنهن به انتها تي وڃڻ کان ويرم نه ڪندي.