اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي جنهن جو جواب نٿو ملي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي جنهن جو جواب نه ٿو ملي.  اسلام آباد پريس ڪلب ۾ صحافين جي ڀلائي ۽ تحفظ بابت مباحثي دوران ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ مان به لاڳيتو غير حاضر رهي آهي.  سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان جي اثاثن بابت سوال ڪري رهي آهي پر ان کي جواب نه ٿو ملي، تحريڪ انصاف ادارن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.  هن چيو ته چونڊ سڌارا سندن حڪومت کان اڳ ڪنهن به نه آندا، صحافين جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *