ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه افتخار محمد چوڌريءَ چيو آهي ته اهڙيون ئي حالتون رهيون ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، ڪو قانون نه آهي جنهن جي جيڪا دل چوي ٿي اهو ئي ڪري رهيو آهي، صفائيِءَ جي کوت اهي، پاڻي ۽ بجلي کان عوام محروم آهي، ٻين صوبن جيان هتي به ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ موجود آهي، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي افتخار محمد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي حالتن جي ڀيٽ ڪئي، عمران خان 120 ڏينهن ۾ وزيراعظم نٿو بڻجي سگھي، زرداري صاحب جا ماڻهو غائب ٿيا آهن اهو ئي بهتر ڄاڻي سگھي ٿو، زرداري صحب کي خبر هوندي ته ان جا دوست ڇو غائب ٿي ويا آهن، مشرف تي غداريءَ جو الزام آهي، اتحاد ته ڪيو مشرف سان هٿ ملائڻ به ڏکيو آهي، جيستائين هو الزامن مان آزاد نه ٿيندو ساڻس هٿ ملائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.