مالاڪنڊ:(م ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن عدالتن انصاف نه ڏنو ته پوءِ انصاف لاءِ روڊن ۽ چونڪن تي اچي ويهنداسين، مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي، واپڊا، پاڪستان اسٽيل مل ۽ پي ٽي سي ايل جهڙا ادارا ناڪام ٿي چُڪا آهن، پر وفاقي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار چئي ٿو ته اسان کي ڪاميابي ملي رهي آهي، هن چيو ته مالاڪنڊ ڊويزن جي نوجوانن کي به روزگار ڏنو وڃي.