ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسڪول ۾ عمارت ڪيرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ سولجر بازار ۾ اسڪول جي عمارت ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو ۽ ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. پوليس ترجمان موجب انڪوائري ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ 3 ڏينهن ۾ آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندو. ٻئي پاسي تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته پوليس کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو اهو نه ڪيو ويو، تاريخي اسڪول جي هڪ ڪمري کي نقصان پهتو آهي، بلڊر مافيا پاران سولجر بازار ڪراچيءَ ۾ واقع اسڪول جي تاريخي عمارت ڊاهڻ واري معاملي بعد تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر ڊاٿل اسڪول پهتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اسڪول ڊاهيندڙ مافيا کي سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي وڏي وزير اسڪول معاملي جي رپورٽ گھري ورتي آهي، ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، اسڪولي عمارت کي ڪيرائڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي، جيڪي به عنصر ملوث هوندا انهن کي عبرتناڪ سزائو ڏيارينداسين، حڪومت جي پراپرٽي جو تحفظ پوليس جي ذميواري آهي، هن سڄي عمل ۾ پوليس جو ڪردار ناڪاري رهيو آهي، پوليس به اسڪول جي معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل رهي، هن چيو ته پوليس جو سرڪاري پراپرٽيءَ جي تحفظ ۾ خاموش ڪردار سواليه نشان آهي، قبضه مافيا خلاف اهڙي ڪارروائي ڪنداسين جو اڳتي ڪو ايئن ڪرڻ جي لاءِ سوچي به نه سگھي، سول سوسائٽي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ميڊيا جي ڪري اسڪول کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو