ڀان سعيد آباد (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، ڀان سعيد آباد پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي گم ٿيل ٽين ساٿين جي گمشدگيءَ بابت جاچ جاري آهي، وفاقي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف انتقامي ڪارروايون پئي ڪري، انتقامي ڪارروايون پ پ سان زيادتي آهي، ان معاملي تي وزيراعظم نواز شريف سان ڳالهائيندس. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ شريف پهچڻ تي درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر جي حاضري پڻ ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي دعا پڻ گھري ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي تي ٽريفڪ جام واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ٽريفڪ جي بحاليءَ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي حيدرآباد هاءِ وي تي ٽريفڪ جام جو نوٽيس وٺندي ضلعي پوليس ڄامشورو ۽ ملير ٽريفڪ بحاليءَ ۾ موٽر پوليس جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته روڊ جي بحاليءَ جي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.