ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ خلافگ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين، اسان سڀ آصف علي زرداري جا ساٿي آهيون سڀني کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته پيپلز پارٽي چوڌري نثار جي پڇ تي پير رکيو آهي، غلام قادر مري کي ان لاءِ گم ڪيو ويو ڇو ته پيپلز پارٽي ٻيهر متحرڪ ٿي رهي آهي، عدليه جي آزادي لاءِ پيپلز پارٽي تحريڪ هلائي، جنهن کي به ادارا گرفتار ڪن 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن رياست ڪنهن کي لاپتا ڪري رهي آهي ته ڌاڙيلن ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق آهي، صوبائي وزير چيو ته اسان سڀ آصف زرداري جا ساٿي آهيون، اسان سڀني کي به گرفتار ڪري وٺو، شرجيل به اچي ويو آهي، جنهن کي پڪڙڻو آهي، پڪڙيو پر عدالتن ۾ پيش ڪريو، ملڪ دشمنن کي انٽرپول ذريعي ڇو نه واپس گهرايو ويو، هن چيو ته ڇو نه ٿو پڇيو وڃي ته بلديه فيڪٽري ڪنهن ساڙي، رياست غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري کي گرفتار ڪيو، ڪنهن تي ڪو الزام آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.