عوامي مسئلن تي احتجاجي مظاهرن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي: بلاول جي اڳواڻن کي هدايت

لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مسئلن تي احتجاجي مظاهرن جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لوڊشيڊنگ هجي يا ادارن جي نجڪاري، حڪومت کي هر ميدان ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻو آهي، هن چيو ته قوم پاناما ليڪس جي فيصلي جو سختي ۽ بي صبري سان انتظار ڪري رهي آهي، حڪومت چونڊن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا، هن چيو ته تنظيم سازي جو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري حڪومت کي ٽف ٽائين ڏينداسين، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مرڪزي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي اڳواڻن ملاقات ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *