اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آفيسن ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آفيس ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر سميت سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽن ۽ يوٽيوب جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پابندي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ، صوبائي ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيس ۾ لاڳو هوندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي هيڪرن جي حملن جي کي ڏسندي لڳائي وئي آهي.