سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،عهدو نه ڇڏيندس: اي ڊي خواجا

April 6, 2017 at 2:17 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ڪابينا پاران تڪراري بڻيل صوبي جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي ، سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو اجلاس ۾ سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق جي حوالي ڪرڻ جو منظور ڏني وئي ، سنڌ ڪابينا پاران سردار عبدالمجيد دستي کي صوبي جو نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ، ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو عهدو نه ڇڏيندو ، ان کان اڳ اجلاس اجلاس ۾ڳالهائيندي  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اجلاس ان لاءِِ سڏايو ويو آهي ته صوبي ۾ پاڻيءَ جو سخت بحران آهي، زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا مسئلا آهن جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي، اجلاس دوران آبپاشيءَ جي سيڪريٽريءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ربيع ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي آهي ،  ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ دوران سڀ لنڪ ڪئنال بند ڪيا ويندا، ڪپهه جو فصل بچائڻ جي لاءِ سنڌ کي گھربل پاڻيءَ جي ضرورت پوري ڪئي ويندي، هن چيو ته  جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي نه مليو ته منگلا ڊيم کان پاڻي ڏنو ويندو، اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جا وزير، چيف سيڪريٽري ۽ اسپيشل اسسٽنٽ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

اي پيپر