پ پ ۾ شموليت واريون خبرون ڪوڙيون آهن، ن ليگ ڇڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان: اسماعيل راهو
March 30, 2017 at 2:59 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
تلهار(رپورٽر) مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد اسماعيل راھو آن لائين انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ن ليگ ۾ آھيان ۽ رھندس ن ليگ ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگھان ۽ نه ئي ڪو اھڙو فيصلو ڪيو آھي ان چيو ته مختلف نجي ٽي وي چينلن تي ن ليگ ڇڏڻ جي فيصلي وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آھي هن چيو ته حيدرآباد ۾ ميان صاحب جي صدارت ھيٺ ٿيل ورڪرز ڪنوينشن ۾ مون ذاتي مصروفيت سبب شرڪت نه ڪئي. پارٽي يا ميان صاحب سان ڪوبه اختلاف نه آھي.