ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار جو چوڻ آهي ته 98 سيڪڙو روينيو ڪراچيءَ مان ملندو آهي پر سنڌ تي لڳندو آهي، ڏيڻ جي ڳالهه تي ڀوڳ جون ڳاليهون شروع ٿي وينديون آهن، سنڌ جا ڪا اهڙي گھٽي ٻڌايو جتي پيئڻ جو صاف پاڻي هجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي خواجا اظهار جو چوڻ هو ته ٿر ۾ ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو سونو تاج پائي خوش ٿي رهيا آهن، جنهن جي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته مان ڪاميڊين نه آهيان.