ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ها، حڪمران روڪيو: ڊاڪٽر عبدالقدير خان

March 27, 2017 at 8:10 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته مان ملڪ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهان پيو پر حڪمرانن مون کي روڪيو جڏهن ته ايٽمي طاقت جو ڪريڊٽ ذوالفقارعلي ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو تقريب کي خطاب ڪندي ڊآڪٽر عبدالقدير خان چيو ته ذوالفقارعلي ڀٽو تمام گهڻو محب وطن هو ايٽمي طاقت جو ڪريڊٽ ذوالفقار ڀٽي ڏانهن ئي وڃي ٿو جنهن منهن جهڙي جوان تي ڀروسو ڪيو اسان ايٽم بم تي 1974 ۾ ۽ ميزائيل ٽيڪنالوجي تي ڪم بينظِر ڀٽو جي دور ۾ شروع ڪيو ۽ گهٽ وسيلن باوجود ملڪ کي ايٽمي ۽ ميزائيل قوت بڻايوسين هن چيو ته جنرل ضياءَالحق ۽ پوءِ اڳوڻو صدر غلام اسحاق خان کي لکت طور تي ٻڌايو ته اسان هفتي جي نوٽيس تي ايٽمي بم جو تجربو ڪري سگهون ٿا ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته حڪمرانن تي واضح ڪيو ته برابر جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ڊاڪٽر عبدالقيدير خان چيو ته مان ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهان پيو پر حڪمرانن مون کي روڪيو مان حڪومت کي سستي آٽوموبائيل انڊسٽري لڳائڻ جي به پيشڪش ڪئي پر ان کي به رد ڪيو ويو پرويز مشرف پرڏيهه جي چوڻ تي مون کي هٽايو ۽ منهنجي مٿان غلط الزام مڙهيا ويا مان حڪمرانن کان ڪڏهن به زمين يا پئسو نه ورتو.

اي پيپر