نئون پاڪستان اسان بڻائينداسين، ايندڙ سال لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي: نواز شريف
March 27, 2017 at 8:07 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
حيدرآباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، هڪ نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي، اسان دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، ڪراچي جي ماڻهن ۾ هاڻ خوف ۽ ڊپ ناهي رهيو. حيدرآباد ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته هڪ نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي، الله جي ڪرم سان ڪراچي ۾ امن آهي ڪاروبار هلي رهيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي بلڪلڪ ختم ٿي وئي آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جو راڄ هو اڄ اتي امن آهي، 2013 ۾ پاڪستان جو برو حال هو، هر پاسي بيچيني هئي. هن چيو ته سي پيڪ جا فائدا سڄي ملڪ کي ملي رهيا آهن، اهو وقت پري ناهي جڏهن ملڪ مان بيروزگاري مڪمل طور ختم ٿي ويندي، بلوچستان ترقي جي رستي تي گامزن آهي، اتي ترقي ٿي رهي آهي. آئون دل جي گهراين سان ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو، مون کي وڏي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن آئون ڪراچي ويندو آهيان ۽ هر پاسي گند ۽ ڌوڙ نظر ايندي آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن دور ۾ 4 مهينا ڪراچي ۾ رهيو هئس، ان زماني واري ڪراچي ۽ اڄوڪي ڪراچي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ حيدرآباد ۾ موٽر وي ۽ يونيورسٽي ڇو نه ٺهي؟ حيدآباد ۾ هن وقت به روڊ ٽٽل آهن، پاڻي ناهي، اسڪول بند آهن جڏهن ته اسپتالون به ناهن. هن چيو ته حيدرآباد به هاڻ انهن شهرن ۾ شامل ٿيندو جنهن ۾ سٺيون يونيورسٽيون آهن، پاڪستان ۾ مڪمل طور تي غربت ۽ بيرزگاري جو خاتمو ٿيندو، حيدرآباد ۾ سٺا تعليمي ادارا ۽ اسپتالون بڻائينداسين، اسان 1991ع ۾ ئي پشاور کان اسلام آباد ۽ اسلام آباد کان لاهور موٽر وي جو منصوبو شروع ڪيو هو. اسان کي ڪير اهو ٻڌائي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو ڪراچي دنيا سان ڪٽجي ويو. ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيڻ سبب ئي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، هاڻ هتي سيڙپڪاري ايندا آهن ملاقاتون ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پاڪستان جي شهه رڳ آهي، هي شهر ترقي ڪندو ته ملڪ به ترقي ڪندو جڏهن ته پهرين ڪو به پرڏيهي ڪراچي۾ واپار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو.