حيدرآباد(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ ۾ زردارين 10 سال حڪومت ڪري صوبي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن پنجاب جو نقشو بدلجي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ تبديلي ڇو نٿي اچي سگهي. حيدرآباد ۾ ورڪر ڪنونشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته چيو پيو وڃي ته اهي سنڌ ۾ پهرين ڇو نه آيا، جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ پهرين اچون ها ته چون ها ته اسان کي ڪم ڪرڻ نٿا ڏين، توهان کي موقعو ڏنو، ووٽ وٺو ٿا ته ڪم به ڪرايو. هن چيو ته هر ڀيري سنڌ جي عوام کي وفاق ڏانهن ڇو ٿو ڏسُڻو پوي، زرداري صاحب ۽ بلاول پنجاب اچن ۽ هو جڏهن به پنجاب ايندا آهن ته اسان کي سٺو لڳندو آهي. هڪ پارٽي هي ڀيري مظلوميت جو رنگ لڳائي چونڊون کٽڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته شينهن ٻاهر نڪندا آهن ته کدڙ ڀڄي ويندا آهن، لوڊشيڊنگ جا ڪلاڪ هر ايندڙ ڏينهن گهٽ ٿيندا پيا وڃن، 2018ع وارين چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ حڪومت بڻائينداسين، ملڪ بدلجي رهيو پر سنڌ جي ماڻهن جون زندگيون ساڳيون آهن، سند جي شهرن ۾ ڌوڙ اڏامي رهي آهي، ڪميشن جون ڳالهيون ڪن ٿا، صبح جو اٿي آئينو ڇو نٿا ڏسن.