ماضي ۾ جيترا به اليڪشن ٿيا انهن ۾ پيسي جي بنياد تي ڪرپٽ مافيا کي اقتدار ڏنو ويو: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ماضي ۾ جيترا به اليڪشن ٿيا انهن ۾ پيسي جي بنياد تي مافيا کي اقتدار ڏنو ويو اليڪشن کان اڳ اليڪشن سڌارا نه ڪيا ويا ته عوام کي رستن تي آڻينداسين اسلامي ۽ فلاحي رياست ۾ هڪ جهڙو علاج نه ٿيڻ سبب موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف صدر جي هڪ باغيچي تي ساليانو 2 ڪروڙ رپين جو خرچ ڪيو وڃي ٿو. ڪرپٽ ماڻهو عوام جي حقن تي قابض آهن حڪمرانن وٽ اڃا به وقت آهي ته جيڪڏهن غريب مزدور ۽ هاري پنهنجي جهوپڙن مان نڪري روڊن تي آيا ته انهن کي ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏيندا ۽ حڪمرانن کي پناهه به نه ملندي اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر سراج الحق، جي آءِ يوٿ مردان جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل اڳواڻن کي حلف کڻايو. جلسي عام ۾ قومي وطن پارٽي جو اڳوڻو ضلعي صدر رشيد علي خان ، اڳوڻو صوبائي وزير افتخار محمد جو ڀائيٽو، ڀاءُ خالد خان وڏي انگ ۾ وڪيلن سميت سياسي اڳواڻن جماعت اسلامي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته قوم کي ديانتدار ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جي غلامن جي قيادت جي ضرورت آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي حڪومت دوران نوجوانن کي روزگار ۽ پوڙهن ماڻهن کي خاص الائونس ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *