حڪومت جي ناقص پاليسين سبب هاري ۽ واپاري نتيجا پيا ڀوڳين: آصف زرداري

لاهور (م ڊ): اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان لاهور چيمبر جي وفد ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پرڏيهي قرضن جي شرح خطرناڪ حد کي ڇهي رهي آهي، پرڏيهي قرض بلند ترين وياج جي شرح تي ورتا پيا وڃن، آصف زرداري چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين  جو نتيجو هاري ۽ واپاري ڀوڳي رهيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر عوام تائين منتقل نه پيا ٿين، پ پ ٻيهر حڪومت ۾ اچي واپارين لاءِ سرمائيداري جا دروازا کوليندي، اسان ميدان ۾ نڪرڻ وارا آهيون هاڻي انهن کي ٻڌائينداسين ته چونڊ ڪيئن وڙهي ويندي آهي، پهرين به اسان پنجاب ۾ شڪست نه کاڌي، اسان کي آر او اليڪشن سان هارايو ويو، پنجاب ۾ ڪهڙيءَ طرح شفاف اليڪشن ٿيندا آهن، اسان ٻڌائينداسين، آصف زرداري چيو ته ملتان ۾ جلسو ڪنداسين ۽ انهن کي ٻڌائينداسين ته جلسو ڇا کي چوندا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اليڪشن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جلد اليڪشن ٿيندي، هن چيو ته مان، بلاول ۽ منهنجون نياڻيون آصفه ۽ بختاور اليڪشن لاءِ تيار آهن، جلد انهن کي به خبر پئجي ويندي ته اليڪشن ڇاکي چئبو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جو هڪ وفد سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، آصف زرداري جو چوڻ هو ته هاڻي پاڪستان ۽ خاص ڪري لاهور ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائينداسين، آصف علي زرداري لاهور ۾ سينيئر پارٽي اڳواڻ عزيز الرحمان چن جي گهر پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسي ائين ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪن هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مقابلي لاءِ تيار آهن، هن چيو ته پوئين ڀيري اسان کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هن دفعي اسان کي هٿڪڙيون ناهن لڳل، مان پاڻ ۽ بلاول ميدان ۾ آهي، هن چيو ته قوم جون نياڻيون شهيد محترمه جون نياڻيون به اسان سان گڏ ميدان ۾ آهن، هن چيو ته اسان سڀ ملي ڪري ميدان ۾ نڪرنداسين ۽ مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته مقابلو ڪئين ٿيندو آهي، هن چيو ته اليڪشن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، انهن دوستن کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به شڪست نه کائيندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به پنجاب ۾ خاص ڪري لاهور ۾ ناهي هارايو، پر ها اسان هميشه اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل آر اوز کان هارايو آهي، ڇو جو نتيجا انهن جي هٿ ۾ هوندا آهن، هن چيو ته پاڪستان جي سمورين پارٽين ڏي پيپلز پارٽي جو هڪ وفد موڪلينداسين، جيڪو انهن سان ملاقات ڪندو ۽ ايندڙ اليڪشن بابت انهن جون صلاح مشورن تي غور ڪندو، هن چيو ته جڏهن بي بي شهيد لاهور ايندي هئي ته سڄو لاهور بند ٿي ويندو هو، هاڻي به ائين ئي ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *