دهشتگردي کان پاڪ ۽ خوشحال پاڪستان جو واعدو پورو ڪنداسين: مريم اورنگزيب
March 24, 2017 at 7:30 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (م ڊ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿيڻ سان پرڏيهي سرمائيدارن جو حوصلو وڌيو آهي، اسان هڪ روشن پاڪستان بڻجندي ڏسي رهيا آهيون، مريم اورنگزيب ايڪسپو کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ملڪ ۾ سرمائيداري اچي رهي آهي، رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي کان پاڪ ۽ خوشحال پاڪستان جو واعدو پورو ڪنداسين، وزيراعظم چاهي ٿو ته پرائيويٽ سيڪٽر ملڪي ترقي لاءِ اڳتي اچي.