سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي حڪومت جي ايل پي جي پاليسي بابت نوٽيفڪيشن تي اوگرا ۽ ايف بي آر کي نوٽيس جاري
March 24, 2017 at 7:28 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت جِي ايل پي جي پاليسي ۽ قيمتن جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن تي پيٽروليم وزارت، اوگرا ۽ ايف بي آر کي نوٽيس جاري ڪندي 5 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي وفاقي حڪومت جي ايل پي جِي پاليسي 2016 ۽ اوگرا طرفان ايل پي جِي جون قيمتون مقرر ڪرڻ وارَي نوٽيفڪيشن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت بعد ايل پي جِي جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواستگذار موجب ايل پي جي درآمد تي 48 هزار في ٽن ۽ مقامي طور تي تيار ٿيندڙ ايل پي جِي تي 82 هزار رپيا في ٽن لاڳت اچي ٿي، اوگرا 72 هزار رپيا في ٽن قيمت مقرر ڪئي آهي، جيڪا بنيادي حقن جي ابتڙ آهي. عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي حڪومت، اوگرا ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي نوٽيس جاري ڪندي 5 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.