ڪراچي (هه آ) سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير شميم ممتاز ڊائريڪٽر جنرل سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ مهيني تائين ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ ڊويزنل سطح تي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جون آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي اُپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ٻارن کي عالمي قانونن موجب تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اها ڳالھ هن ڪجھ ڏينهن پهرين مقرر ڪيل سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي پهرين ڊائريڪٽر جنرل عبدالواحد لغاري سان تعارفي ملاقات جي دوران ڪئي. ان موقعي تي سماجي ڀلائي واري کاتي جو سيڪريٽري الطاف احمد بجاراڻي، ڊائريڪٽر جنرل محمد رحيم لاکو، ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ ويلفيئر فوزيه معصوم ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته ڊويزنل سطح تي آفيسون قا.م ڪرڻ لاءِ سموري ڪارروائي اپريل جي آخر تائين مڪمل ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته اٿارٽي جي ويب سائيٽ به ٺاهي وڃي جنهن کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قائم چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس ۽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسرن سان ڳنڍيو وڃي ۽ ان تائين عوام جي پهچ به آسان بڻائي وڃي. هن چيو ته سنڌ اسميبلي عوام جي ڀلائي لاءِ هميشه مثالي قانون سازي ڪئي آهي پر عمل درآمد جي طريقيڪار ۾ رنڊڪن سبب ان تي عمل درآمد ۾ دير ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن ٻارن کي جسماني، ذهني، جنسي تشدد، ننڍي عمر ۾ پورهئي ۽ گداگري کان نجات ڏيارڻ لاءِ وقت سر مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جا قاعده ۽ ضابطا نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيا آهن. اپريل جي آخر تائين ڊويزنل سطح تي آفيسون ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينديون جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان جو نيٽورڪ سمورن ضلعن تائين پکيڙيو ويندو. هن سماجي ڀلائي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پندرنهن ڏينهن اندر اٿارٽي جو اجلاس طلب ڪيو وڃي